درگاهه قائم شاهه بخاري

درگاهه قائم شاهه بخاري

درگاهه قائم شاهه بخاري

درگاهه قائم شاهه بخاري (ماڳ): هيءَ درگاهه جيڪب آباد ضلعي جي پسگردائيءَ ۾ موجود پاڻيءَ جي هڪ شاخ (سومرا شاخ) وٽ قائم آهي. درگاهه جي مهاڙي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. مهڙ ۾ گول ونگ ۾ در ۽ ساڄي پاسي کان هڪ ننڍي دري ٺهيل آهي، جن تي شيشي جي خوبصورت نقاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي، جڏهن ته اوڀر طرف ڪاٺ جو در نصب ٿيل آهي. درگاهه جي ٻاهرئين حصي ۾ ساڄي پاسي کان زميني سطح وٽان ٻيڙ ٻني تائين چورس منارو آهي، جنهن جي مٿئين حصي تي ننڍڙو گنبذ ۽ ان جي مٿان نيل آهي. درگاهه جي اندرئين حصي کي چوڙ ڪنڊون (squishes) ڏئي اٺ ڪنڊو ڪري ان جي مٿان گنبذ ٺاهيو ويو آهي. گنبذ ڳچ تي رکيل آهي. ڳچ گنبذ کان وڏو آهي، تنهنڪري گنبذ ويٺوڙو نظر اچي ٿو. هوا جي گذر لاءِ ڳچ کي دريون ڏنل آهن. گنبذ تي ڪو به جنسار ٿيل نه آهي سواءِ هڪ ننڍڙي نيل جي. درگاهه جي اوسي پاسي ۾ تمام گهڻي ساوڪ آهي. هن درگاهه ۾ بزرگ سيد قائم علي شاهه بخاريءَ جي مزار آهي. سندس تعلق اُچ شريف سان هو. هر سال 12 ربيع الاول تي درگاهه قائم شاهه بخاريءَ تي هن بزرگ جو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن.


لفظ درگاهه قائم شاهه بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو